سچل جو رسالو

سچل جو رسالو

سچل جو رسالو

سچل جو رسالو (ڪتاب): سچل سرمست جو هيءُ رسالو نامياري شاعر رشيد احمد لاشاريءَ جو ترتيب ڏنل آهي. ابتدا ۾ سچل سرمست جي مختصر سوانح عمري ۽ ڪتابن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. ان کانپوءِ سچل سرمست جو ڪلام هيٺينءَ ترتيب سان ڏنو ويو آهي: الف ب وار 445 سنڌي ڪافيون ۽ سنڌي بيت (هـن عـنـوان هيٺ (i) مرغ نامو، (ii) وحـدت نـامـو، (iii) سـسئـيءَ جـا بـيــت، (iv) مـارئـيءَ جـا بيـت، (v) مـومـل جـا بيت، (vi) نوري ۽ ڄام تماچيءَ جا بيت، (vii) روجهـن بابـت بيـت، (viii) پـورب جـا بيـت، (ix) وحدت جا بيت ڏنا ويا آهن) ۽ سسئيءَ ۽ پنهونءَ بابت جهولڻو شامل آهن.
ساڳيءَ طرح رسالي جي ٻئي ڀاڱي ۾ سرائيڪي ڪلام ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ الف ب رديف وار 273 ڪافيون شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 436 صفحن تي مشتمل هي سچل جو رسالو، مدينه پرنٽنگ پريس، رسالا روڊ، حيدرآباد مان ڇپائي، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس تاجران ڪتب بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد، ڇاپو ٻيو آگسٽ 1965ع ۾ پڌرو ڪيو.


لفظ سچل جو رسالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو